ڪالهه جيڪو ٿيو اهو افسوسناڪ هو: چيف جسٽس

ڪالهه جيڪو ٿيو اهو افسوسناڪ هو: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته ڪالهه جيڪو ٿيو ان سان سياسي پارٽين جو عدالت تي بي اعتمادي ختم ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ خلاف حڪومتي توهين عدالت جي درخواست تي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ٻڌڻي ڪئي،ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏنا ته اٽارني جنرل توهان کي پهريان ٻڌڻ چاهيون ٿا، جنهن تي اٽارني جنرل آف پاڪستان اشتر اوصاف گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جو حڪم پڙهي ٻڌايو، گذريل ڏينهن عدالت ۾ عمران خان جي تقرير به هلائي وئي،چيف جسٽس چيو ته ممڪن آهي عمران خان کي غلط ٻڌايو ويو هجي، سپريم ڪورٽ کي آئيني حقن جو تحفظ ڪرڻو آهي، اسان کي خبر آهي ته هنڌن تي باهه لڳائي وئي، باهيون ڏنيون ويون، اسان کي به خبر آهي ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن شيلنگ ڪئي،جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پاڪستان جي عوام کي آئين جي آرٽيڪل 15، 16 ۽ 17 تحت حق حاصل آهن، ايگزيڪيوٽو کي غير آئيني گرفتاريون ۽ ڇاپا نه هڻڻ گهرجن، اٽارني جنرل اشتر اوصاف چيو ته پي ٽي آءِ جي جلسن کي مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي.جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پي ٽي آءِ کي پاڪستان جي عوام لاءِ پنهنجون ذميواريون سمجهڻ گهرجن، پي ٽي آءِ کي مثال قائم ڪرڻ گهرجي ها، جيڪڏهن ائين ٿيندو رهيو ته حالتون خراب ٿينديون.چيف جسٽس آف پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته ڪالهه ڪيترا ماڻهو زخمي ٿيا؟ اٽارني جنرل چيو ته 31 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن.جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هجو گهڻو هو ، عام ماڻهو به زخمي ٿيا هوندا، هي ماڻهو قيادت کان سواءِ هئا، آنسو گيس کان بچڻ لاءِ اسلام آباد ۾ گرين بيلٽ ساڙيا ويا، صورتحال کي رڳو پي ٽي آءِ جي قيادت ڪنٽرول ڪري سگهي پئي،چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته ڪالهه جيڪو ٿيو اهو افسوسناڪ آهي، ڪالهه جيڪو ٿيو ان سان سياسي پارٽين جو عدالت تي اعتماد ٽٽي ويو.سپريم ڪورٽ حڪومت ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي چيو ته ڪيس ۾ اهڙو حڪم جاري ڪنداسين جيڪو مستقبل لاءِ مثال قائم ڪندو،وفاقي حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي حڪم باوجود عمران خان پنهنجي ڪارڪنن کي ڊي چوڪ ڏانهن موڪليو.

پهنجو تبصرو موڪليو