ڪاشف ڀٽي جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت، ٽيم کان ڌار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪٽ ٽيم کي لنڊن ۾ جوائن ڪندڙ ڪاشف ڀٽي جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي وئي آهي. کيس ساٿي رانديگرن کان علحده ڪري رکيو ويو آهي ۽ هو گرائونڊ به نه پيو اچي. 20 رانديگرن جو پهريون جٿو جون جي آخر ۾ افغان ايئر جي ذريعي لنڊن وئي هئي ڇو ته پائلٽن جي ڪوڙي ڊگري سبب پي آءِ اي جي اڏامن تي پابندي آهي. 8 جولاءِ تي ڪاشف ڀٽي، مساجر ملنگ علي، عمران خان ۽ حيدر علي لنڊن پهتا، جن جي ڪورونا ٽيسٽ ورتي وئي ته ڪاشف ڀٽي جي ٽيسٽ مثبت اچي وئي. ڪاشف ڀٽي نوابشاهه جو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو