ڪارڊينل رابرٽ پريواسٽ ڪيٿولڪ عيسائين جو نئون پوپ منتخب

ڪارڊينل رابرٽ پريواسٽ ڪيٿولڪ عيسائين جو نئون پوپ منتخب

ويٽيڪن سٽي(ويب ڊيسڪ) ڪارڊينل رابرٽ پريواسٽ کي ڪيٿولڪ عيسائين جو نئون پوپ چونڊيو ويو آهي. نئين پوپ کي ووٽنگ جي گهٽ ۾ گهٽ چار رائونڊ کان پوءِ چونڊيو ويو. رابرٽ پريوٽ تاريخ ۾ پهريون آمريڪي پوپ آهي ۽ کيس پوپ ليو IV سڏيو ويندو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، رابرٽ پريواسٽ 2023 ۾ ڪارڊينل بڻيو. ان کان اڳ، هن 2015 کان 2023 تائين پيرو ۾ بشپ جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون.69 سالن جو رابرٽ پريواسٽ، جيڪو گذريل مهيني پوپ فرانسس جي جاءِ تي آيو، ڪيٿولڪ عيسائين جو 267 هون پوپ آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ رابرٽ پريووسٽ کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته کيس اهو ڄاڻي فخر آهي ته هو پهريون آمريڪي پوپ هو. ٽرمپ پوپ ليو سان ملڻ جي خواهش جو اظهار به ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو