ڪارنهن الزام ۾ ڏير هٿان ڀاڄائي قتل، جوابدار گرفتار

پنوعاقل(سنتوش ڪمار ) ڪارنهن الزام هيٺ ڏير ڀاڄائي کي زهر پياري گهٽا ڏئي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي سانگي ٿاڻي جي حد ڳوٺ بهرام جتوئي ۾ جوابدار سوڍل جتوئي پنهنجي ڀاڄائي 25 ورهين جي شمشاد جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل عورت جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ پنوعاقل اسپتال پهچايو, مقتول عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه  ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدار سوڍل جتوئي کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنھن مٿان ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو