پنوعاقل (سنتوش ڪمار ) سانگي ۾ جوابدار شوڪت جتوئي پنهنجي زال خديجه کي مبينا طور غيرت جي نالي تي قتل ڪري ڇڏيو آهي اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا جو لاش کڻائي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل پهچايو جتان لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد پوليس پاران لاش ايمبولينس ذريعي وارثن ڏانهن اماڻيو ويو ته رستي ۾ سانگي ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراھ تي مقتولا عورت جي ڀاءُ غوث بخش ۽ شوڪت جتوئي ايمبولينس کي روڪي ايمبولينس جي ڊرائيور کي تشدد جو نشانو بڻائي لاش سميت ايمبولينس ڪاهي فرار ٿي ويا جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار غوث بخش جتوئي کي گرفتار ڪري ايمبولينس ۽ لاش واپس ڪرائي ورتا. پوليس موجب جوابدار شوڪت جتوئي پنهنجي زال خديجه کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو آهي جوابدار ڪيس خراب ڪرڻ لاءِ لاش کسڻ واري حرڪت ڪئي جوابدار لاش لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو. ڊرائيور موجب جوابدار شوڪت جتوئي ۽ غوث بخش جتوئي مونکي ڪار ۾ ٻڌي تشدد ڪرڻ بعد لاش سميت ايمبولينس ڪاهي فرار ٿي ويا جڏهن ته ڊرائيور کي جوابدار ڪار ۾ ڇڏي ويا جنهن کانپوءِ ڊرائيور جوابدارن جي ڪار ڪاهي سانگي ٿاڻي تي پهچي پوليس کي واقعي جي آگاهي ڏني.
مداخلت برداشت نه ڪبي، عدليا جي آزادي تي سمجهوتو نه ڪنداسين
عدليا ۾ ايجنسين جي مداخلت، جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان
سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان
پرڏيهه ۾رهندڙ پاڪستاني سمورا ٽيڪس ادا ڪندا آهن
سنڌ حڪومت هاڻي انٽر سٽي بس سروس شروع ڪندي
گوگل چيٽ ۾ وائس ميسيج متعارف
صدر سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ٻه طرفن معاملن بابت ملاقات
دوداپور ڀرسان گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ هٿان گوليون هڻي ڀيڻ قتل
ذخيرا گهٽ ۽ مهانگي گيس خريدڻ سبب اگهه وڌايا ويا
انوار الحق ڪاڪڙ ۽ ايمل ولي بلوچستان مان سينيٽر منتخب
فوجي عدالتن ۾ محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت
پيٽروليم شين تي وڌيڪ ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز
سنڌ مان سينيٽ جي 12 سيٽن لاءِ اميدوارن جي لسٽ جاري
پي ٽي آءِ جي 11 اڳواڻن کي جيل ۾ خان سان ملاقات جي اجازت
ڪراچي ۾ رولو ڪتن جي شڪايت لاءِ هيلپ لائن بحال
سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري جي واڌ ٿيندي
اڪثر دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال ٿيا آهن
پاڪستان جي ثانوي اڀرندڙ مارڪيٽ جي حيثيت برقرار
حڪومت اٽو برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي
بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالا شامل