ڪابينه ۾ ڦيرڦار ۽ نوجوانن کي شامل ڪرڻ جو امڪان

ڪابينه ۾ ڦيرڦار ۽ نوجوانن کي شامل ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينه ۾ ڦيرڦار ۽ نوجوانن توڙي نون چهرن کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف ويجهن ساٿين (رفيقن) سان صلاح مشورو مڪمل ڪري ورتو آهي، جنهن کانپوءِ وفاقي ڪابينه ۾ نون چهرن ۽ نوجوان قيادت کي موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪابينه ۾ نون شامل ٿيندڙ ميمبرن کي مملڪتي وزير جا عهدا ڏنا وڃڻ جو امڪان آهي؛ جڏهن ته محنتي، متحرڪ ۽ نتيجا ڏيندڙ ميمبرن کي اڳيان آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ڪجهه وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگيءَ تي بي اعتماديءَ جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته واپار واري وزارت (وزارت تجارت) ۽ صنعت و پيداوار واري وزارت جي ڪارڪردگيءَ تي به سوال اٿاريا ويا آهن. ذريعن موجب، ملڪي برآمدات ۾ گهربل واڌ نه ٿيڻ تي وزيراعظم ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته چانورن، پٽاٽن ۽ ميون جي برآمدات ۾ گهربل نتيجا حاصل نه ٿيڻ تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته قومي خزانن تي بوجھ گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه وزارتن ۾ سڌارا (اصلاحات) آڻڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم پاڻيءَ وارن وسيلن واري وزارت (وزارت آبي وسائل) جي ڪارڪردگيءَ مان به مطمئن ناهي. ڪمزور ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ وزارتن جون خاميون دور ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، وزيراعظم ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مڪمل عزم رکي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو