ڪابل ۾ ڌماڪو، جاچ ڪريون پيا، نقصان جو اطلاع ناهي، طالبان ترجمان

ڪابل ۾ ڌماڪو، جاچ ڪريون پيا، نقصان جو اطلاع ناهي، طالبان ترجمان

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغان طالبان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جي مطابق، افغان راڄڌاني ڪابل ۾ هڪ ڌماڪو ٻڌو ويو آهي، سماجي رابطن واري پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان ۾ ذبيح الله مجاهد چيو ته ڌماڪي جي جاچ جاري آهي ۽ اڃا تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو، هن اهو به چيو آهي ته خير آهي گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي. ٻئي طرف، افغان ميڊيا چيو ته ڪابل ۾ ٻه ڌماڪا ٻڌا ويا. اي ايف پي جي رپورٽ موجب ڪابل جي اوڀر ۾ عبدالحق اسڪوائر وٽ ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن بعد سخت ٽريفڪ جام آهي. ۽ موبائيل فون سروس به معطل آهي. پاڪستاني سوشل ميڊيا تي اهي خبرون هلن پيون ته پاڪستان جي جنگي جهازن افغانستان ۾ مختلف ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي آهي جنهن ۾ ٽي ٽي پي کي وڏو نقصان ٿيو آهي. هڪ پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ لينڊڪروزر جنهن ۾ طالبان قيادت سفر ڪري رهي هئي تنهن کي نشانو بڻايو ويو آهي جنهن ۾ طالبان جو امير مفتي نور ولي محسود سميت اهم اڳواڻ مارجي ويا آهن. ان جي سراڪري طور ڪير به تصديق نه پيو ڪري ۽ طالبان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي ان خبر جي ترديد ڪئي وئي آهي. هڪ پوسٽ ۾ هڪ آڊيوڪلپ شيئر ڪندي چيو ويو آهي ته نور ولي محسود جيئرو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جو فوجي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري منجهند ڌاري پشاور ڪور هيڊ ڪوارٽر ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو