ڪابل ۾ طالبان: افغانستان جي معيشت جو مستقبل ڇا آھي؟

اينڊريو واڪر  

طالبان پاران ڪابل تي قبضي کان پوءِ افغانستان جي مالي مدد ڪندڙ ملڪ فڪرمند ۽ افغانستان جي معيشت جي نازڪ حالت تي پريشان آھن، ڇا ڪاڻ جو افغانستان جي معيشت جو دارومدار ٻاھريان ملندڙ امداد تي آھي. طالبان طرفان افغانستان جو ڪنٽرول سنڀالڻ کان ڪجھ مھينہ پھريان ئي ورلڊ بينڪ افغانستان جي معيشت لاءِ پريشان ڪندڙ تجزيو پيش ڪيو ھو، جنھن ۾ ٻڌايو ويو تہ افغانستان جي معيشت جو مستقبل وڌيڪ غير يقيني واري صورتحال جوشڪار آھي، ڇو جو ان کي ملندڙ مالي امداد مستقبل ۾ بہ ملندي رھندي يا نہ ان تي شڪ جا گهرا بادل ڀرجي آيا آھن. عالمي مالياتي ادارو آئي ايم ايف افغانستان جي تيزيءَ سان بدلجندڙ صورت حال جي پيش نظر امداد ڏيڻ وارو عمل عارضي طور تي بند ڪري ڇڏيو آھي. افغانستان جي معيشت کي بھتر ڪرڻ لاءِ افغانستان ۾ وڏي انگ ۾ معدني وسيلا موجود آھن پر موجودھ سياسي صورتحال انھن جي صحيح استعمال ڪرڻ جي سڀني ڪوششن کي غير واضع ڪري ڇڏيو آھي. افغانستان جهڙي طرح ٻاھڙين امداد تي دارومدار رکي ٿو اھا ھڪ عجيب ڳالھ آھي، سن 2019 ۾ ورلڊ بينڪ جي انگن اکرن مطابق ترقياتي ڪمن لاءِ ملندڙ رقم گراس نيشنل پروڊڪٽ 22 فيصد رھي. ھي انگ اکر تمام پريشان ڪن آھن، اڄ کان ڏھ سال پھريان ورلڊ بينڪ ئي ھي تناسب 40 فيصد ٻڌايو ھو. ھاڻي اھا مالي امداد جاري رھندي يا نہ ان جي باري ۾ صورتحال واضع ناھي. جرمني جي وزيرخارجہ ھيڪ ماس گذريل ھفتي ”زيڊ ڊي ايف“ نالي ھڪ اداري کي ٻڌايو تہ جيڪڏھن طالبان افغانستان تي قبضو ڪن ٿا ۽ شرعي نظام لاڳو ڪن ٿا تہ پوءِ اسان ھنن کي ھڪ رپيو بہ نہ ڏينداسين. جرمني کان سواءِ ٻيا امداد ڏيندڙ ملڪ بہ افغانستان ۾ جاري سياسي بحران تي نظر رکيو ويٺا آھن ۽ واضع صورت حال کان پوءِ ئي امداد جي باري ۾ ڪو فيصلو ڪندا. افعانستان جي نازڪ معيشت جي باري ۾ جيڪا ڳالھ ٿي رھي آھي، ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته طالبان جي قبضي حاصل ڪرڻ کان پهريان، افغانستان حڪومت  ڪل جي ڊي پي جو 23 فيصد صرف سڪيورٽي تي خرچ ڪندي هئي. جيڪڏهن افغانستان جي ڀيٽ گھٽ آمدني وارن ملڪن سان ڪجي، ان ۾اڪثر ملڪ پنهنجي جي ڊي پي جو صرف 3 فيصد ئي پنهنجي سڪيورتي خرچ ڪندا آهن. سڪيورٽي جا مسعلا ۽ بدعنواني افغانستان جا اهم مسعلا رهيا آهن. جنهن جو صاف مطلب آهي ته افغانستان ۾ ٻاهرين سيڙپ تمام گھٽ آهي. اقوام متحدہ  جي انگن اکرن مطابق گذريل ٻن سالن جي دوران افغانستان ۾ هڪ به گرين فيلڊ سيڙپ جو اعلان ناهي ٿيو.گرين فيلڊ سيڙپ جي مطابق ٻاهريون ڪاروباري ڪمپنيون ملڪ ۾ اينديون آهن ۽ نئين ڪاروبار يا ڪمپنين جو بنياد رکنديون آهن. افغانستان ۾ سن 2014 کان صرف 4 اهڙيون ڪمپنيون آيو آهن، جيڪڏهن ان حوالي سان افغانستان جي ڀيٽ جنوبي ايشيا جي ٻين ملڪن سان ڪئي وڃي تہ ان دوران ننڊي ملڪ نيپال ۾ ٻه ڀيرا ۽ سريلنڪا ۾ 50 ڀيرا وڌيڪ گرين فيلڊ سيڙپ ٿئي آهي. ورلڊ بينڪ جي مطابق افغانستان جو پرائيويٽ سيڪٽر تمام ننڊو آهي. گھڻو روزگار گھٽ آمدن واري پوکي سان واستو رکي ٿو. 60 فيصد گھرن جي آمدن پوکي مان حاصل ٿئي ٿي. افغانستان ۾ هڪ وڏي معيشت اهڙي آهي جيڪا قانوني دائري کان ٻاهر آهي. ان ۾ غيرقانوني طريقي سان ڪيل سرنگون، افيوم جي پيداوار ۽ اسمگلنگ سان جڙيل ڪاروبار آهي. طالبان جي لاءِ منشيات جو ڪاروبار آمدن جو هڪ اهم ذريعو رهيو آهي.2001 ۾ آمريڪا جي افغانستان تي حملي کان پوءِ افغانستان جي معيشت ڪجھ بهتر ٿي. افغانستان جي باري ۾ انگ اکر ڪڏھن بہ اعتبار جوڳا ناهن رھيا، پر ورلڊ بينڪ جي مطابق سن 2003 ۾ هن وقت تائين ترقي جو تناسب 9 فيصد رهيو. ان کان پوءِ  ترقي سستي جو شڪار رهي. سن 2015 کان سن 2020 تائين هيءَ شرح 2.5 فيصد رهي. افغانستان ۾ جيترا قدرتي وسيلا آھن جيڪڏھن اھي ڪنھن اھڙي ملڪ ۾ ھجن ھا جتي سڪيورٽي جي صورتحال بھتر ھجي ۽ بدعنواني گهٽ ھجي ھا تہ ٻاھرين ملڪ وڏي تعداد ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ ھيڏانھن اچن ھا. افغانستان ۾ وڏي تعداد ۾ معدني وسيلا موجود آھن، جن ۾ تانبو، ڪوبالٽ، ڪوئلو ۽ ڪچو تيل شامل آھن، ان کان علاوہ تيل،گئس ۽ قيمتي پٿر جا معدني وسيلا بہ ملن ٿا. انھن سڀني کان الڳ افغانستان ۾ لٿيھيم اڻ کٽ ذخيرا موجود آھن، لٿيھيم موبائل جي پرزن ۽ اليڪٽرڪ ڪارن جون بيٽريون ٺاھڻ ۾ استعمال ٿئي ٿو. لٿيھيم جي اھميت ھڪ اھڙي وقت ۾ وڌيڪ اھميت جي حامل آھي، جڏھن موٽر انڊسٽري زيرو ڪاربان خارج ڪرڻ وارين گاڏين جي طرف وڌي رھي آھي. سن 2010 ۾ ھڪ اھم آمريڪي جنرل نيويارڪ ٽائيم کي ڏنل ھڪ انٽرويو ۾ چيو ھو تہ افغانستان ۾ معدني وسيلا حيران ڪندڙ حد تائين موجود آھن پر انھن جي پھچ تائين ڪجه مشڪلات آھن.نيويارڪ ٽائيم جي ھڪ رپورٽ ۾ اھا بہ ڳالھ سامھون آئي جو آمريڪا جي دفاع واري محڪمي جي ھڪ ميمو ۾ چيو ويو ھو تہ افغانستان ”لٿيھيم جو سعودي عرب“ بڻجي سگهي ٿو. جئين سعودي عرب ۾ تيل جا ذخيرا موجود آھن اھڙي ئي طرح افغانستان ۾ لٿيھيم جا ذخيرا آھن. ان ڳالھ ۾ ڪو شق ناھي تہ انھن ذخيرن جو صحيح طرح سان استعمال ناھي ڪيو ويو. افغانستان جي ماڻھن انھن کي ڏٺو ئي تمام گهٽ آھي، انھن مان فاندو حاصل ڪرڻ تہ پري جي ڳالھ آھي. اھڙيون رپورٽس اينديون رھيو آھن جن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ چين افغانستان ۾ پنھنجي موجودگي قائم ڪرڻ گهري ٿو. چين جا ٻين اولھ جي ملڪن جي نسبت افغانستان سان سٺا لاڳاپا آھن. جيڪڏھن طالبان جو اقتدار قائم رھي ٿو تہ پوءِ چين انھن ذخيرن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. چين جي ڪجھ ڪمپنين کي تيل ۽ تانبي جي آپريشنز لاءِ ڪجھ ٺاھ ٿيا ھئا پر انھن ۾ ڪا اڳڀرائي ڪانہ ٿي. اھڙيون اميدون ڪيو پيو وڃن تہ چين افغانستان ۾ دلچسپي وٺندو. ان جي لاءِ  تمام سٺا موقعا موجود آھن ۽ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ باڊر بہ ننڊي آھي. چين جون ايجنسيون اتي ڪاميابي حاصل ڪرڻ گهرن ٿيو. پر اھي تيسيتائين اتي سيڙپ نہ ڪنديون جيسيتائين انھن کي سڪيورٽي ۽ بدعنواني جي خلاف حفاظت جي خاطري ڪرائي وڃي تہ جئين انھن جي سيڙپ محفوظ رھي. چين يا ٻئي ڪنھن ملڪ جي سيڙپ ڪندڙن جي ذھن ۾ اھو سوال ضرور ايندو تہ ڇا طالبان ماضي جي مقابلي ۾ ڪاروبار کي ھٿي وٺڙائيندڙ ماحول ڏئي سگهندا؟ افغانستان جي معيشت کي جيڪا ٻئي ڳالھ متاثر ڪري سگهي ٿي اھا آھي عورتن جي نوڪري ڪرڻ. گذريل ھڪ ڏھائي جي دوران 15 سالن جي وڏي ڄمار وارين عورتن جي نوڪري جي شرح ۾ ڊرامائي انداز ۾ وڌاءَ آيو آھي. سن 2019 ۾ ھي شرح 22 فيصد رھي جيڪا افغانستان جي معيار مطابق تمام بھتر آھي پر عالمي معيار جي حساب سان اڃا بہ گهٽ آھي. طالبان جي دور ۾ھي شرح گهٽ ٿيڻ جو انديشو ظاھر ڪيو پيو وڃي، جنھن سان معيشت کي گهڻو نقصان ٿيڻ جو امڪان آھي. مستقبل ۾ معاشي ٺھراءُ غير يقيني جو شڪار نظر اچي ٿو. ماڻھو بينڪن مان بي حساب پئسا ڪڍرائڻ جي ڪوشش ۾ آھن. افغان اسلامڪ پريس جي مطابق طالبان جي ترجمان، بينڪ جي مالڪن، پئسا مٽائيدڙ ايجينسن، ڪاروبار ڪندڙ ۽ دڪاندارن کي ھي پڪ ڏين پيا تہ انھن جي زندگيءَ ۽ ملڪيتن جي حفاظت ڪئي ويندي. اھا حقيقت تہ ماليات جي ناظم جي جان کي خطرو آھي ھڪ حيران ڪندڙ ڳالھ آھي. انھن کي ان اعتماد جي ضرورت آھي تہ جيڪو کين پڪ ڏياري تہ افغانستان جو مالياتي نظام ھلي رھيو آھي. پر ھي ڪم ايترو جلدي نہ ٿيندو.(هي مضمون اينڊريو واڪر لکيو جيڪو بي بي سي اردو  تي شايع ٿيو ۽ جاويد سولنگي روازاني سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو)

پهنجو تبصرو موڪليو