کاڻ مزدورن جي هيلٿ انشورنس بابت معاهدو ٿي ويو

کاڻ مزدورن جي هيلٿ انشورنس بابت معاهدو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته سنڌ لاکڙا ڪول مائنز جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن لاءِ صحت جي انشورنس جي سهولتون ڏيڻ سنڌ حڪومت جو وڏو تاريخي عمل آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڏنل ويزن موجب پورهيتن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ سنڌ سرڪا ر جو هڪ وڏو ۽ اهم قدم آهي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ سرڪار صوبي جي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪيترائي عملي قدم کڻي رهي آهي، اُن سلسلي ۾ سنڌ جي توانائي واري کاتي، لاکڙا ڪول مائنز جي پورهيتن جي صحت واري انشورنس جي سهولتن جي فراهمي لاءِ اڄ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. سنڌ لاکڙا ڪول مائننگ ڪمپني (SLCMC) ۽ ميسرز جوبلي انشورنس جي وچ ۾ کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي هيلٿ انشورنس جي سهولت ڏيڻ واري معاهدي تي صحيحن جي تقريب منعقد ٿي.

اُن موقعي تي توانائي جي صوبائي سيڪريٽري ابوبڪر مدني، ايس ايل سي ايم سي جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر خادم حسين چني، توانائي واري کاتي جي آفيسرن، جوبلي انشورنس جي اختيارن، متحده ليبر فيڊريشن جي صدر آصف خٽڪ ۽ پورهيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروع ۾ چيف ايگزيڪٽو آفيس ايس ايل سي ايم سي خادم حسين چني ۽ جوبلي انشورنس ڪمپني جي سيد اطهر عباس کاڻيون کوٽيندڙن پورهيتن جي انشورنس جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي تحت پورهيتن کي ڪم دوران ڪنهن به حادثي ۾ زخمي ٿيڻ واري يا خدانخواسته فوتگي جي صورت ۾ سئو سيڪڙو انشورنس مهيا ڪئي ويندي. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته صوبي جي ٻين ضلعن ۾ به ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ وارن پورهيتن کي ايندڙ ٽن مهينن ۾ صحت انشورنس جي سهولت ڏني ويندي، اُن سان گڏوگڏ ڪول مائن سائٽس تي ريسڪيو سينٽر، ڊسپينسري، ايمبولنس، آر او پلانٽس، ٽرانسپورٽ، روڊ جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو