ڏکڻ وزيرستان ۾ مقابلي ۾ 2 فوجي جوان شهيد

ڏکڻ وزيرستان ۾ مقابلي ۾ 2 فوجي جوان شهيد

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 2جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سراروگا ۾ دهشتگردن سڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪئي، جنهن تي پاڪ فوج جي جوانن جوابي فائرنگ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران دهشتگردن سان مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهيدن ۾ بنون جو 26 ورهين جو لانس نائيڪ عمر علي خان ۽ ڊي آءِ خان سان تعلق رکندڙ 23 ورهين جو سپاهي محمد سراج الدين شامل آهن. بيان موجب وڌيڪ چيو ويو آهي ته علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ علائقي کي ڪليئر ڪيو پيو وڃي. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون. ياد رهي ته 12 اپريل تي عشام ۾ به هڪ فوجي جوان شهيد ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو