ڏکڻ آفريڪا جي نيوزيلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست

ڏکڻ آفريڪا جي نيوزيلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست

احمد آباد(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا گروپ ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنهنجي گروپ م تاپ تي اچي ويو آهي. ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ ۾نريندرا مودي اسٽيڊيم ۾کيڏيل گروپ ميچ ۾ نيوزيلينڊ 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنسون ٺاهيون. ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي بائولنگ جو فيصلو ڪيو. ٽم سيفرٽ 13، فن ايلن 31، رچن رويندرا 13، گلين فلپس هڪ، مارڪ چيپمين48، ڊيرل مچل 32، ڪپتان مچل سينتنر 4، جيمز نيشام 23 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا ۽ ميٽ هينري 9 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. مارڪو جينسن 4 وڪيٽون ورتيون، لنگي نگدي، ڪيشو مهراج ۽ ڪاربن بوچ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. 176 جي ٽارگيٽ لاءِ ڏکڻ آفريڪا جي اوپنرز زبردست ۽ جارحاڻي راند پيش ڪندي ڇڪن چوڪن جو مينهن وسايو. پنجين اوور ۾ 62 جي مجموعي اسڪور تي ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 20 رنسون ٺاهي لوڪي فرگوسن جي بال تي بولڊ ٿيو، پر مرڪرم جو جارحاڻو انداز جاري رهيو، هن 44 بالن تي 86 ناٽ آئوٽ رهيو، هن 4 ڇڪا ۽ 8 چوڪا هنيا. ريان رڪلٽن 21، ڊيوالڊ بريوس 21 رنز تي آئوٽ ٿيا ڊيوڊ ملر 24 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو