ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ٽي ملڪي سيريز جي اهم ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پاڪستان کي 353 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جيڪو قومي ٽيم محمد رضوان ۽ سلمان آغا جي شاندار سينچري جي بدولت 49 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو دورو ڪندڙ ٽيم جي ڪپتان تمبا بووما ڪيو.پاڪستان ٽيم پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 352 رنسون ٺاهيون.ڏکڻ آفريڪا جي هينرڪ ڪلاسن 87 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، سندس 56 بالن جي اننگز ۾ 3 ڇڪا ۽ 11 چوڪا شامل هئا.ان کان علاوه ميٿيو بريٽزڪي 83 رنسون ۽ ڪپتان تامبا باوما 82 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن ته ڪيل ورني 44 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.ٽوني ڊي زورزي 22 ۽ ويان مولڊر 2 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن ته ڪوربن بوش 15 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 2، خوشدل شاهه ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.352 رنسن جي هدف جي جواب ۾ قومي ٽيم محتاط انداز ۾ اننگز جي شروعات ڪئي.پاڪستان طرفان آئوٽ ٿيندڙ پهريون رانديگر بابر اعظم هو جنهن 57 جي مجموعي اسڪور تي 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. سندس پٺيان ايندڙ سعود شڪيل به 15 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.فخر زمان جڏهن 41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ته ٽيم جو مجموعي اسڪور 91 هو، جنهن کانپوءِ محمد رضوان ۽ سلمان آغا شاندار پارٽنرشپ قائم ڪئي ۽ ٻنهي سينچريون اسڪور ڪري ٽيم کي فتح ڏياري.سلمان آغا 103 بالن تي 134 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته ڪپتان محمد رضوان 122 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪوربن بوش ۽ وين ملڊر 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ملڪي سيريز جو فائنل 14 جنوري تي ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو.










