ڏيڍ مهيني ۾ پيٽروليم شيون 29 رپين کان وڌيڪ مهانگيون ٿيون

ڏيڍ مهيني ۾ پيٽروليم شيون 29 رپين کان وڌيڪ مهانگيون ٿيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم جون شيون ڏيڍ مهيني ۾ 29.71 رپيا في ليٽر مهانگيون ٿي ويون آهن.پهرين جون کان وٺي پيٽروليم جون شيون 4 ڀيرا مهانگيون ٿي چڪيون آهن.صرف ڏيڍ مهيني ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 19.52 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 29.71 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.31 مئي 2025 تي پيٽرول جي قيمت 252.63 رپيا في ليٽر هئي، ۽ ان وقت پيٽرول جي قيمت 272.15 رپيا في ليٽر هئي.ٻئي طرف، 31 مئي 2025 تي هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 254.64 رپيا في ليٽر هئي، ۽ ان وقت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 284.35 رپيا في ليٽر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو