ڏهرڪي ( ن س) ڏهرڪي ويجهو ريتي لڳ ٻيروٽا روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڏکوئيندڙ حادثو پيش آيو۔حادثي ۾ احسان علي سولنگي فوت ٿي ويو، جڏهن ته حسن علي سولنگي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور ڏهرڪي اسپتال منتقل ڪيو ويو ريتي پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔










