ڏاتار جو ميلو، صوفياڻي راڳ ۽ سگهڙ ڪچهري سان پڄاڻي

ڏاتار جو ميلو، صوفياڻي راڳ ۽ سگهڙ ڪچهري سان پڄاڻي

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) ڄام صاحب ۾ سنڌ. جي مشھور بزرگ ھستي سيد اصغر علي شاھ المعروف سخي ڄام ڏاتار جي 748 هين عرس مبارڪ ۽ ميلي  جي آخري ڏينهن تي ضلع انتظاميا شهيد بينظيرآباد پاران صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل  ۽ سگھڙ ڪچھري منعقد ڪرائي وئي. ان موقعي ته سنڌ جي مشهور  فنڪارن طفيل سنجراڻي، فقير  رجب ۽ سلامت فقير، فرزانه بھار، صوفياڻا ڪلام ٻڌائي داد حاصل ڪيو.

جڏھن ته سگھڙ ڪچھري ۾ سنڌ جي مشھورسگھڙن  علي گل ڀٽي، منٺار ٻڳھيو،گھرام جتوئي، ڀائي خان جتوئي، مور ملاح، صدام پلھ، عزير مستوئي، جان محمد ڀڻي، دلشاد ملاح ۽ ٻين سگھڙن نڙ، بيت ڏور ٻڌائي محفل موسيقي جي پروگرام کي چار چنڊ لڳائي  ڇڏيا. پنڊال ويٺل ماڻھن فنڪارن کي خوب داد ڏني. محفل موسيقي ۾ ڊپٽي ڪمشنر  ابرار احمد جعفر،  ڪمشنر شھيد بينظيرآباد سيد محسن علي شاھ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنيد حميد سمون، اسسٽنٽ ڪمشنر نواب شاھ طارق علي سولنگي، اسسٽنٽ ڪمشنر دوڙ سيد جهانگيرعلي، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي نواب شاھ عظيم مغل، درگا ھ سخي ڄام ڏاتار جو سجاده نشين فقير نويد حسين وسطڙو، ڄام صاحب جي صحافين کان علاوه ضلع ۽ تعلقه آفيسر پڻ موجود ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو