ڍاڪا ويندڙ جهاز جي ڪراچي ۾ طبي ايمرجنسي لينڊنگ

ڍاڪا ويندڙ جهاز جي ڪراچي ۾ طبي ايمرجنسي لينڊنگ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)دبئي کان ڍاڪا ويندڙ اڏام ۾ سوار هڪ عورت مسافر جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب جهاز کي ڪراچي ۾ ميڊيڪل ايمرجنسي لينڊنگ ڪرڻي پئي. ايويئيشن ذريعن مطابق، پرڏيهي ايئرلائن جي ايف زيڊ501، جيڪا دبئي کان ڍاڪا طرف روانه هئي، اها ڀارتي فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ بعد جهاز ۾ موجود هڪ بنگلاديشي عورت مسافر جي طبيعت خراب ٿي پئي. پائلٽ انساني همدردي جي بنياد تي ويجهي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ، ڪراچي جي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر کان ايمرجنسي لينڊنگ جي اجازت ورتي، ۽ اجازت ملڻ بعد بوئنگ 737 جهاز جناح ايئرپورٽ تي ميڊيڪل ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي. ڪراچي ايئرپورٽ تي ڊاڪٽرن عورت مسافر کي هنگامي طبي امداد فراهم ڪئي، ۽ طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب، ميڊيڪل ٽيم کيس هڪ نجي اسپتال منتقل ڪيو. ايوئيشن ذريعن مطابق، جهاز هن وقت ڪراچي ايئرپورٽ تي موجود آهي ۽ ايندڙ پرواز لاءِ تياري هيٺ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو