ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن ڪيو پيو وڃي: ڄام اڪرام

ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن ڪيو پيو وڃي: ڄام اڪرام

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صنعت ۽ گڏيل امداد کاتن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ڊي آءِ جي پوليس سنڌ طارق رزاق ڌاريجو، ڊي آءِ جي پوليس سکر جاويد سونارو جسڪاڻي، ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو سميت پاڪستان رينجرز، سنڌ پوليس جي آفيسرن ۽ علائقي جي رهواسين گذريل رات گهوٽڪي جي ڪچي علائقي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ شهيد پوليس جوانن علي گوهر دايو ۽ ڪشور ڪمار جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. شهيدن جي جسد خاڪي کي سنڌ پوليس پاران سلامي پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صنعت ۽ باهمي امداد واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته سنڌ حڪومت ڏوهه جي خاتمي لاءِ سنجيده آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته ڏوهارين خلاف آپريشن ڪامياب ٿيندو. شهيد اهلڪارن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته ڏوهارين خلاف سنڌ پوليس جون قربانيون ضايع نه ٿينديون ۽ اسان کي سنڌ پوليس تي فخر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو