ڌاڙيلن جي هٿان شهيد اهلڪارن جي پروٽوڪول سان تدفين

ڌاڙيلن جي هٿان شهيد اهلڪارن جي پروٽوڪول سان تدفين

ڪنڌڪوٽ (نمائندن وٽان) گذريل رات دراني مھر ٿاڻي ڀرسان دودا پور پوليس پڪٽ تي اڻ ڄاتل ھٿيار بندن جي فائرنگ ۾ شھيد ٿي ويل پوليس اھلڪار غلام حيدر ڀيو جي جنازه نماز سندس اباڻي ڳوٺ قياس ڀيو ۾ ادا ڪئي ويئي. ان موقعي تي رينجرز جي ڪرنل محمد عامر، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي ۽ ايس ايس پي ڪشمور سيد اسد رضا شاھ کان علاوه سوين مٽن مائٽن دوستن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پوري ڳوٺ ۾ سوڳ واري ڪيفيت ڇانيل ھئي ۽ ھر اک آلي نظر آئي. فوتي شھيد اھلڪار کي پوليس پروٽوڪول سان سلامي ڏئي دفنايوويو.  ٻئي پاسي فوتي اھلڪار جي ڀاءَ سردار ڀيو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جا حوصلا بلند آھن مون کي ڀاءَ تي فخر آھي ته ھن پنھنجو فرض نڀائيندي ڏوھارين سان مھاڏو اٽڪائي شھادت ماڻي آھي. ياد رهي ته دراني مھر ٿاڻي جي حد ٽوڙي بنگلي ڀرسان گشت دوران نامعلوم ڌاڙيلن جي ٽولي پوليس موبائيل مٿان انڌا دنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنھنجي نتيجي ۾ موبائل ۾ ويٺل ٻه پوليس اھڪار عنايت الله ڊيھو ۽ غلام حيدر ڀيو موقعي تي ئي شھيد ٿي ويا. جڏھن ته ٻه ٻيا پوليس اھلڪار زخمي ٿي پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو