ڌاٻيجي بريڪ ڊائون، ڪراچي کي 10 ڪروڙ گيلن پاڻي گهٽ ملندو

ڌاٻيجي بريڪ ڊائون، ڪراچي کي 10 ڪروڙ گيلن پاڻي گهٽ ملندو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن آچر ڏينهن ٻڌايو آهي ته ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ٻيهر پاور بريڪ ڊائون سبب شهر کي روزانو 10 ڪروڙ گيلن پاڻي جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن، جيڪا KWSC طرفان هلندڙ هڪ اهم اسٽيشن آهي، ڪراچي جي وڏن علائقن کي پاڻي فراهم ڪري ٿي. ماضي ۾ به هن اسٽيشن تي پيدا ٿيندڙ بريڪ ڊائون سبب ڪراچي اوڀر ۽ سينٽرل ضلعن ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي آهي، جن ۾ ناظم آباد، نيو ڪراچي، لانڍي ۽ ڪورنگي جهڙا علائقا شامل آهن. اڄ جاري بيان موجب، KWSC جي ترجمان چيو ته ڌابيجي اسٽيشن جي ٻئي فيز ۾ “وڏو” پاور بريڪ ڊائون صبح 6:35 وڳي رپورٽ ٿيو. ترجمان موجب، “بجلي بند ٿيڻ سبب، لائين نمبر 5 متاثر ٿي آهي”، ۽ ٻئي فيز جا ٻه پمپ بند ڪرڻا پيا آهن. بيان ۾ خبردار ڪيو ويو ته: “پمپ بند ٿيڻ ۽ لائين متاثر ٿيڻ سبب، شهر کي 100 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.” KWSC جي عملدار چيو ته متاثره لائين جي مرمتي ڪم کي “ايمرجنسي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو”، ۽ شهر واسين کي يقين ڏياريو ته مرمتي ڪم کي بروقت مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن. ترجمان وڌيڪ چيو: “مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ شرط، ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن جو نظام معمول مطابق هلي پوندو.” بيان ۾ ياد ڏياريو ويو ته 5 نومبر کان ڌابيجي اسٽيشن جي K-III پمپنگ هائوس کي ڪيبل فالٽ سبب 36 ڪلاڪن تائين بند رکڻو پيو هو. ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن، جيڪا شهر جو بنيادي پاڻي وصولي وارو مرڪز آهي، بنا رڪاوٽ بجلي تي مڪمل طور تي دارومدار رکي ٿي. ٿوري به دير لاءِ بجلي بند ٿيڻ سان فوري طور فراهمي متاثر ٿي پوي ٿي. هي اسٽيشن گذريل ڏهه سالن کان گهٽ مرمتي سهولتن ۽ فني مسئلن سبب ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي، ۽ رڳو هن سال ڪيترائي ڀيرا بريڪ ڊائون ٿي چڪا آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن جا رهواسي پاڻي جي شديد بحران جو شڪار بڻيا. جنوري ۾، ڪراچي کي 100 MGD جي گهٽتائي تڏهن ٿي هئي، جڏهن “ڌابيجي اسٽيشن تي بجلي بند ٿيڻ سبب ٻه واٽر لائينون ڦاٽي پيون هيون۔” پڻ جون جي آخر ۾ اسٽيشن گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن بجلي کان محروم رهي، جنهن سبب 350 MGD جي کوٽ پيدا ٿي.گذريل مهيني، ڌابيجي اسٽيشن جو هڪ پمپ مرمتي ضرورتن سبب بند ڪيو ويو هو، جڏهن ته اتر اوڀر پمپنگ اسٽيشن اڳ ۾ ئي بجلي جي بريڪ ڊائون کي منهن ڏئي رهي هئي. شهر ۾ جاري پاڻي جي گهٽتائي سبب، گهڻا ماڻهو پاڻي ٽينڪر تي ڀاڙڻ تي مجبور آهن. پر ماڻهن کي ٽينڪر حاصل ڪرڻ ۾ ڏاڍي تڪليف پيش اچي ٿي، ڇاڪاڻ⁠ته پاڻي ڪارپوريشن وٽ هر ضلعي جي مقرر ڪيل ڪوٽا کان وڌيڪ بُڪنگون اچي وڃن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو