ڊي ايم سي ويسٽ ملازمن لاءِ حج قرعه اندازي بحال

ملير( رپورٽر ) ڪراچي ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي ايسٽ سيد شڪيل احمد لاءِ هڪ ٻي وڏي ڪاميابي، ڪرونا وائرس سبب روڪيل حج قراندازي ٻيهر بحال ڪئي وئي آهي.ملازمن طرفان حج قر اندازي جي بحالي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هن مهانگائي جي دور ۾ ايڊمنسٽريٽر ايسٽ سيد شڪيل احمد حج قر اندازي بحال ڪري تمام وڏو ڪم ڪيو آهي، مجموعي طور تي چار ملازم حج لاءِ موڪليا ويندا.ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ايسٽ سيد شڪيل احمد چيو آهي ته جن کي حج جي سعادت حاصل ٿئي ٿي اهي تمام خوش قسمت آهن.چئن سالن کان پوءِ اسان حج قر اندازي ٿي، جيڪو مون سميت سموري ٽيم لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، حج تمام مهانگو ٿي ويو آهي، ان ڪري چار ملازم حج لاءِ موڪليا پيا وڃن.لاڳاپيل کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ايندڙ حج جي بجيٽ ۾ واڌ ڪئي وڃي ته جيئن وڌيڪ ملازم حج جي سعادت حاصل ڪري سگهن، هن قر اندازي ۾ نالا نڪرندڙ چئن خوش قسمتن کي مبارڪباد ڏني.جڏهن ته قراندازي ڪرڻ کان پوءِ بعد ايڊمنسٽريٽر فيضان مديني جو دورو ڪيو ۽ اتي مولانا يعقوب عطاري ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي ۽ رمضان المبارڪ ۾ ميونسپل سروسز جي فراهمي بابت معلومات ورتي مولانا يعقوب عطاري چيو ته رمضان المبارڪ ۾ ڊي ايم سي ايسٽ ميونسپل سهولتن طرفان ضرورت جو گهربل سامان فراهم ڪيو ويندو آهي .ان موقعي تي فوڪل پرسن امتياز ڀٽو، ڊائريڪٽرز توقير عباس خورشيد علي، ڊاڪٽر آصف، عظيم حيدر، محمد اڪرم، ڄام رضوان ۽ انچارج روشمشاد ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو