ڊيره اسماعيل خان: (ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي فورسز هڪ آپريشن دوران 8 مبينه دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. سومر ڏينهن سئي ناردرن گيس پائپ لائنز لميٽيڊجي ٽيم تي ڊيرابن جي علائقي ڪوٽ لالو ويجهو حملو ڪيو ويو ته سيڪورٽي فورسز ريسڪيو آپريشن ڪيو. جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي به جاني نقصان ٿيو، پر انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (ISPR) يا ڪنهن ٻئي سيڪيورٽي اداري طرفان سرڪاري طور تي ڪو بيان جاري نه ڪيو ويو. ذريعن موجب، سيڪيورٽي ادارن کي اطلاع مليو ته دهشتگرد ويجهو جهنگ ۾ لڪل آهن، جنهن تي فورسز ڪارروائي ڪري 8 شڪي دهشتگردن کي ماريو. ڪارروائي کان پوءِ فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو، جڏهن ته وڌيڪ اهلڪار به مدد لاءِ موڪليا ويا ته جيئن باقي فرار دهشتگردن کي پڪڙي سگهجي.حڪومتي اهلڪارن موجب مارجي ويل دهشتگرد مبينا طور تي هڪ سيل جا ميمبر هئا، جيڪي گئس پائپ لائن منصوبي تي سڌو حملو ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. اهو منصوبو قومي سطح تي اهميت رکندڙ آهي، جنهن جو مقصد خيبر پختونخوا جي ماڻهن لاءِ توانائي، روزگار ۽ سهولتن ۾ بهتري آڻڻ آهي. واقعي جي تحقيق جاري آهي ۽ مقامي اختيارين چيو آهي ته صفائي ۽ فارنزڪ ڪم مڪمل ٿيڻ بعد وڌيڪ تفصيل شيئر ڪيا ويندا.
صوابي ۾ 2 دهشتگردن مارجي ويا
هڪ ٻئي ڌار واقعي ۾، سومر ڏينهن مردان ۽ صوابي پوليس جي گڏيل آپريشن ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، ضياءُالدين احمد، ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر موجب، اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ٽي ڏينهن اڳ اڻڄاتل ماڻهن ڪالابٽ پوليس چوڪي تي دستي بم اڇلايو ويو هو، جنهن ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿيو هو. پريس رليز موجب، CTD ۽ صوابي پوليس جابلو علائقي مينئي ڳوٺ ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪري رهي هئي، تڏهن چار دهشتگرد ٻن موٽر سائيڪلن تي اچي فورسز تي فائرنگ ڪئي. “CTD جي ٽيم ڀرپور جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه دهشتگرد موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته ٻه اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا،” واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو. مارجي ويل دهشتگرد تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP) جي طيب اڪبر گروپ سان تعلق رکندا هئا ۽ ڪيترن ئي پوليس تي حملن ۾ گهربل هئا.
بنون ۾ پوليس اسٽيشن تي حملو ناڪا
آچر ۽ سومر جي وچ واري رات بنون ضلعي جي بڪاخيل ٽائون ۾ پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن جو حملو پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو. هڪ پوليس آفيسر ٻڌايو ته دهشتگردن جديد هلڪي ۽ ڳرن هٿيارن سان حملو ڪيو ته جيئن عمارت تي قبضو ڪري سگهجي.پر پوليس اهلڪار اڳواٽ خبردار هئا، ڇو ته دهشتگردن جي حرڪتن کي ٿرمل ويزن ڪيمرن جي مدد سان ڏٺو ويو هو. نتيجي ۾ پوليس ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ دهشتگرد فرار ٿي ويا. آفيسر موجب، علائقي جا رهواسي به هٿيار کڻي گهرن مان نڪري آيا ۽ پوليس سان گڏ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ حصو ورتو. هن ٻڌايو ته حملي ۾ سڀ اهلڪار محفوظ رهيا.
اغوا ٿيل پوليس اهلڪارن جي آزادي
ٻئي طرف، بنون جي پيپل بازار مان اغوا ٿيل ٻه پوليس اهلڪار سومر ڏينهن آزاد ٿي ويا. پوليس موجب، ناهيد الله ۽ عيد محمد نالن وارا پوليس اهلڪار پوليو ٽيم سان ڊيوٽي کان واپس اچي رهيا هئا، جڏهن اڻڄاتل هٿياربندن کين اغوا ڪيو، پر پوءِ دهشتگردن کين آزاد ڪري ڇڏيو.










