اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊيم فنڊز بابت سپريم ڪورٽ جي دائره اختيار خلاف داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق وڪيل عدنان اقبال جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته ڊيم فنڊ گڏ ٿيڻ وقت توهان اعتراض ڇو نه ڪيو؟ هاڻي 5 سال ٿي ويا آهن ڊيم فنڊ گڏ ٿيا.چيف جسٽس چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کي ڊيم فنڊز تي ڪو اعتراض هجي ها ته اڪائونٽ نه کوليو وڃي ها.درخواستگذار جي وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ کي ان طريقي سان فنڊ گڏ ڪرڻ جو اختيار ناهي.










