ڊيره اسماعيل خان، گڏيل آپريشن 2 دهشتگرد مارجي ويا، 4 گرفتار

ڊيره اسماعيل خان، گڏيل آپريشن 2 دهشتگرد مارجي ويا، 4 گرفتار

ڊيره اسماعيل خان:(ويب ڊيسڪ) لکي مروت پوليس، سي ٽي ڊي ۽ امن ڪميٽي تختي خيل جي علائقي ۾ دهشتگردن جي خلاف گڏيل آپريشن ڪيو.پوليس موجب اها ڪارروائي ڊي آءِ جي بنون ريجن سجاد خان جي هدايت تي ڪئي وئي. جنهن جي لاءِ بڪتر بند گاڏين سان گڏ پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي اضافي نفري رواني ڪئي وئي.آپريشن جي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ڪارروائي جي دوران 4 دهشتگردن کي گرفتار به ڪيو ويو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي استعمال هيٺ 2 موٽر سائيڪلون به هٿ ڪيون ويون آهن.ڊي آءِ جي بنون ريجن سجاد خان چيو آهي ته دهشتگردن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. هن ٻڌايو ته علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن اڃان تائين جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو