واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هندستان کان درآمد ٿيندڙ شين تي 25 سيڪڙو اضافي ٽيرف لاڳو ڪيو، جنهن سان هندستان تي ڪُل ٽيرف 50 سيڪڙو ٿي ويو. پرڏيهي خبر رساں اداري ‘رائٽرز’ موجب وائيٽ هائوس چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ پاران جاري ڪيل ايگزيڪيوٽو آرڊر تحت ڀارت تي 25 سيڪڙو اضافي ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪالهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته هندستان کان درآمدات تي موجوده 25 سيڪڙو ٽيرف ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ “نمايان” طور تي وڌايو ويندو، ڇاڪاڻ ته نئين دهلي روس کان تيل خريد ڪرڻ جاري رکي ٿو.”ڀارت هڪ سٺو واپاري ڀائيوار نه رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اهي اسان سان گهڻو ڪاروبار ڪن ٿا، پر اسان انهن سان ڪاروبار نٿا ڪريون، تنهن ڪري اسان انهن تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر مان ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ان کي تمام گهڻو وڌائڻ وارو آهيان ڇاڪاڻ ته اهي روسي تيل خريد ڪري رهيا آهن،” ٽرمپ سي اين بي سي کي هڪ ٽيليويزن انٽرويو ۾ ٻڌايو.










