ڊفينس مبارڪ مسجد ڀرسان ڪار تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڊفينس مبارڪ مسجد ڀرسان ڪار تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچيءَ جي علائقي ڊفينس مبارڪ مسجد ڀرسان ڪار تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته شهري 15 کان 20 منٽن تائين ڪنهن جو انتظار ڪندو رهيو ۽ فون تي به ڪنهن سان رابطي ۾ هو. پوليس موجب ان دوران ٻه ڄڻا موٽرسائيڪل تي آيا ۽ فائرنگ ڪري ڏني، مارجي ويل جي سڃاڻپ عمير طور ٿي. پوليس موجب لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڪوششون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو