آسٽريليا، ڊرونز تباهه ڪندڙ جديد جنگي هٿيار تيار ڪري ورتو

آسٽريليا، ڊرونز تباهه ڪندڙ جديد جنگي هٿيار تيار ڪري ورتو

ڪينبرا(ويب ڊيسڪ)آسٽريليا جي دفاعي ڪمپني Electro Optic Systems (EOS) تازو دنيا جو سڀ کان سستو ۽ اثرائتو هاءِ انرجي ليزر هٿيار متعارف ڪرايو آهي، جنهن جو نالو “Apollo” رکيو ويو آهي. هڪ 150 ڪلو واٽ طاقت وارو نظام، جيڪو هڪ ئي چارج تي 200 تائين ڊرون تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اهو به بغير ڪنهن گولي فائر ڪرڻ يا ٻاهرين توانائي جي ضرورت جي. هي موبائيل ۽ ماڊيولر نظام پنهنجي درجي جو پهريون جنگي تيار ليزر هٿيار آهي، جنهن کي EOS مطابق اڳ ۾ ئي هڪ NATO ملڪ ڏانهن برآمد ڪيو ويو آهي.
طاقت ۽ صلاحيتون
Apollo کي وڌائي 150 ڪلو واٽ تائين ڪيو وڃي ٿو، ۽ اهو 3 ڪلوميٽر تائين ڊرون کي غيرفعال ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته 15 ڪلوميٽر تائين آپٽيڪل سينسرز کي بند ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اهو روشنيءَ جي رفتار سان ڪم ڪندي دفاعي ۽ حملي واري ٻنهي قسمن جي اينٽي ڊرون صلاحيتون مهيا ڪري ٿو. EOS جي سي اي او ڊاڪٽر آندرياس شُوير (Andreas Schwer) چيو: “EOS پنهنجو هاءِ انرجي ليزر هٿيار ان مقصد لاءِ تيار ڪيو آهي ته جيئن ڊرون سوارم (Drone Swarm) حملن جي خلاف اقتصادي قيمت تي دفاع ممڪن ٿي سگهي.” هن وڌيڪ چيو: “اعليٰ توانائي وارا ليزر هٿيار هاڻي عالمي سطح تي وڏي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجي چڪا آهن، ۽ واضح آهي ته اهي اينٽي ڊرون دفاع ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندا.۔”
هڪ ڪنٽينر ۾ ليزر
Apollo جي سڀ کان نمايان خصوصيت ان جي حرڪت ۽ خودمختياري آهي. سڄو نظام معياري 20 فوٽ ڪنٽينر ۾ فٽ ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجي داخلي پاور سپلاءِ سان مڪمل طور تي گرڊ کان آزاد ٿي ڪم ڪري سگهي ٿو. صرف بيٽري تي، Apollo 200 کان وڌيڪ حملن کي انجام ڏئي سگهي ٿو، هر هڪ سيڪنڊن ۾ ڊرون کي ساڙي آسمان مان هيٺ آڻي ٿو. جيڪڏهن خارجي توانائي سان ڳنڍيو وڃي، ته اهو لڳ ڀڳ لامحدود مشن سرانجام ڏئي سگهي ٿو. اهو 360 درجا ڪوريج مهيا ڪري ٿو ۽ ننڍن ۽ وچولي سائيز وارن ڊرونز (گروپ 1–3) کي صحيح نشانو بڻائي سگهي ٿو، جيڪي اڪثر نگراني ۽ جاسوسي لاءِ استعمال ٿيندا آهن. هي نظام ITAR-free آهي، يعني اهو آمريڪي هٿيارن جي برآمداتي قانون (International Traffic in Arms Regulations) جي پابنديءَ ۾ نٿو اچي، جنهن ڪري آسٽريليا ۽ ان جا اتحادي واشنگٽن جي اجازت کان سواءِ ان کي پنهنجي ملڪ ۾ استعمال ۽ ترتيب ڏئي سگهن ٿا. اهو قدم اعليٰ دفاعي ٽيڪنالاجي تائين تيز رسائي کي ممڪن بڻائي ٿو.
ڊرون جي دور لاءِ ٺهيل
اڄ جي جديد جنگ ۾ ڊرونز هڪ مرڪزي عنصر بڻجي چڪا آهن. سستا، تيز، ۽ روايتي هٿيارن سان روڪڻ ڏکيا آهن.خاص طور تي ڊرون جڏهن ڌڻ يعني سوارم جي صورت ۾ اچن ٿا. ان حڪمت عملي يوڪرين کان وٺي وچ اوڀر تائين روايتي هوائي دفاعي نظام کي مفلوج ڪري ڇڏي آهي. Apollo خاص طور تي اهڙين سوارم حڪمت عملين کي روشنيءَ جي رفتار سان منهن ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. اهو هدايتي توانائي (Directed Energy) استعمال ڪري ٿو ته جيئن ڊرون کي بغير ميزائل يا بارود جي تباهه ڪري سگهي. اهو دشمن جي آپٽيڪل ۽ جاسوسي نظامن کي به انڌو ڪري سگهي ٿو، جنهن سان مخالف جي نگراني صلاحيتون اڳواٽ ئي ختم ٿي وڃن ٿيون. EOS موجب، Apollo يا ته الڳ نظام طور ڪم ڪري سگهي ٿو يا هڪ گڏيل دفاعي نيٽورڪ جو حصو بڻجي سگهي ٿو، جنهن ۾ NATO جا ڪمانڊ ۽ ايئر ڊفينس سسٽم به شامل ٿي سگهن ٿا. ان کي Slinger ريموٽ هٿيارن واري اسٽيشن يا ميزائل بيسڊ انٽرسيپٽرز سان به گڏائي استعمال ڪري سگهجي ٿو، هي گهڻ سطحي دفاعي حڪمت عملي لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
هڪ نئين دور جي شروعات، سستو “ڊائريڪٽڊ انرجي” هٿيار
Apollo جي پيشڪش EOS جي آگسٽ واري اڳوڻي ڪاميابي کان پوءِ ٿي آهي، جڏهن ان 100 ڪلو واٽ ڪلاس ليزر هٿيار جي دنيا جي پهرين برآمدي ڊيل هڪ يورپي NATO ملڪ سان ڪئي هئي. هن جو اپ گريڊ ٿيل ماڊل Apollo هاڻي سيپٽمبر ۾ لنڊن ۾ ٿيندڙ Defense and Security Equipment International (DSEI) نمائش ۾ “Team Defence Australia” جي حصي طور پيش ڪيو ويندو. ڊاڪٽر شُوير چيو: “ڇو ته Apollo مڪمل طور تي EOS جي ڪنٽرول ۾ ۽ ITAR-free آهي، تنهن ڪري اسان جا پارٽنر ملڪ آسانيءَ سان ان کي حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ مقامي طور تي تيار، ۽ برقرار رکي سگهن ٿا.” هن چيو ته جيئن جيئن سستا ۽ قابل واڌ اينٽي ڊرون دفاعي نظامن جي عالمي طلب وڌي رهي آهي، Apollo هڪ نئين باب جي شروعات ڪري سگهي ٿو .هڪ اهڙو باب، جتي ميزائل نه پر ليزر آسمان جي جنگ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو