ميرپورخاص (ن س )ميرپورخاص پوليس ھٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي ڪفن دفن ۾ رنڊڪون وجھڻ ۽ لاش کي باھ ڏيڻ واري ڪيس ۾ 18 جوابدارن کي ستن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.عمرڪوٽ پوليس سمورن جوابدارن کي ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو.پيش ٿيلن ۾ مولوي احمد شاھاڻي، مولوي رياض پنھور، شير علي سميجو، محبوب ساند، غلام مجتبيٰ پنھور، نور حسن پنھور، غمشاد پنھور، محمد صيفل پنھور، مولوي امجد، لکمير، ارشد سميجو، عليم سميجو، فقير محمد پليجو، محمد سليم ساند، بدر الدين پنھور، عبدالغفار رانگڙ، دائود پنھور ۽ معشوق خاصخيلي شامل آھن.ڪيس جي جاچ آفيسرن طرفان جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي ڏس ۾ ڪيل اپيل تي عدالت سمورن جوابدارن کي وڌيڪ ستن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.لاش ساڙڻ جي ڪيس ۾ ٽوٽل 19 سڃاتل ۽ 15 اڻڄاتل جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو ھو، جن مان ھن وقت تائين رڳو 18 جوابدار گرفتار ٿي سگھيا آھن.










