ڊاڪٽر ڪنڀر ڪيس ۾ پوليس کي حتمي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم

ڊاڪٽر ڪنڀر ڪيس ۾ پوليس کي حتمي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم

ميرپورخاص (ن س )ميرپورخاص جي عدالت عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جو لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ 18 جوابدارن بابت پوليس کان حتمي چالان طلب ڪري ورتو آهي. ميرپورخاص پوليس ھٿان مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو لاش وارثن کان ڦري ان کي ساڙڻ واري ڪيس ۾19جوابدارن کي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻيءَ دوران جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي حتمي چالان پيش نھ ڪيو ۽ وڌيڪ مھلت گھري، جنھن تي عدالت حتمي چالان پيش ڪرڻ لاءِ پوليس کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تائين آخري مھلت ڏني ۽ ايندڙ ٻڌڻي 21 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو