ڊاڪٽر سهراب تي غيرقانوني بجلي استعمال ڪرڻ تي 2 لک ڏنڊ؟

ڊاڪٽر سهراب تي غيرقانوني بجلي استعمال ڪرڻ تي 2 لک ڏنڊ؟

ٺل (عبدالنبي شيخ ٺل) سيپڪو ٽيم غيرقانوني بجلي استعمال ڪرڻ جي الزام ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي تي 2 لک روپيا ڏنڊ وجهي بجلي ڪاٽي ڇڏي، رقم جي ادائگي کانپوءِ سندس بجلي بحال ڪئي وئي. غيرقانوني بجلي ڪنيڪشن ڪٽيندڙ ٽيم جي اڳواڻ عقيل جوڻيجو جي سربراهي اهڙي ڪاروائي ڪئي. ٽيم شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪاروايون ڪري بجلي ڪاٽي ۽ مختلف ماڻهن تي ڏنڊ هنيا ۽ ڪجهه ماڻهن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي ٻڌايو ته سيپڪو ٽيم کي غلط فهمي ٿي آهي. اسان پنهنجو بل ادا ڪيو هو ۽ ڇاپي وقت ڪو مرد موجود نه هو جيڪو کين بل ڏيکاري ها. هن چيو ته اسين ذميوار ماڻهون آهيون ۽ ريگولر بل ادا ڪندا آهيون. هوڏانهن ايس ڊي او ٺل سنڌيار کي ٻڌايو ته سهراب خان جي بنگلي تي سنگل فيز ميٽر لڳل هو ۽ ڪجھ عرصو پهريان هنن ٿري فيز ميٽر لاء درخواست جمع ڪرائي هئي. بنا ميٽر جي بجلي هلائڻ تي سندن مٿان ڏنڊ وڌو ويو هو جيڪو انهن جمع ڪرائي ڇڏيو آھي، ٽيم کي غلط ڄاڻ ملي هئي. جڏنهن ته ايڪسيئن ظھور احمد نوناري سان رابطو ڪيو ويو پر ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو