ڊاڪٽر جي لاپرواهي، جيئري نياڻي کي مئل قرار ڏئي ڇڏيو

ڊاڪٽر جي لاپرواهي، جيئري نياڻي کي مئل قرار ڏئي ڇڏيو

سڪرنڊ(ن س) تعلقا اسپتال سڪرنڊ جي ڊاڪٽرن جي لاپرواهي. زنده نياڻيءَ کي مئل قرار ڏئي پيرن ۽ ڄاڙين کي پٽيون ٻڌرائي ڇڏيون. ڳوٺ شھمير راهو جي رهواسڻ 10 سالن جي معصوم نياڻي ثميرا ڌي اديب مڱڻھار ڊائريا سبب بيهوش ٿي وئي، جنهن کي ايمرجنسي ۾ تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو. جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر يوسف مگسي نياڻي جو معائنو ڪرڻ بعد کيس مئل قرار ڏنو. هوڏانهن ڊاڪٽر پاران وارثن ذريعي بئنڊيج گهرائي نياڻي جا هٿ پير ٻڌا ويا. وارث نياڻيءَ جي فوت ٿيڻ جو ٻڌي زار و قطار روئي رهيا هئا. نياڻيءَ جو ميت کڻي وڃڻ لاءِ ايمبولينس جي انتظار ۾ ويهي رهيا. ان دوران ڪو ماڻھو نياڻي جي وڊيو رڪارڊ ڪري رهيو هو ته نياڻي جا هٿ پير حرڪت ڪرڻ لڳا. جنهن جو اطلاع ڊاڪٽر کي ڏنو ويو. ڊاڪٽر اچڻ شرط نياڻي جون ٻڌل پٽيون کولرائي پاڻ کي آجو ڪرڻ لاء ترت نواب شاھ ريفر ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته وارثن وٽ بئنڊيج جا پئسا به نه هئا ۽ نه ئي نوابشاه کڻي وڃڻ لاءِ پئسا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو