ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ جنوبي ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي 7 ڏينهن جي جسماني تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ پوليس 3 جوابدارن کي جوڊيشل مئجسٽريٽ جنوبي جي عدالت آڏو پيش ڪيو. جوابدارن ۾ سريش عرف ساگر، رام چند ۽ انيل شامل آهن.جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن کان جاچ ڪرڻي آهي ۽ مفرور جوابدارن کي گرفتار به گرفتار ڪرڻو آهي انهي ڪري استدعا آهي ته ريمانڊ ڏنو وڃي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته جوابدارن کي چيمبر ۾ آندو وڃي ته جيئن انهن جي شڪل ڏسي سگهجي.انهي کان پوءِ عدالت جوابدارن کي 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ جي لاءِ پراسيڪيوٽر حسن ڀٽي به درخواست جمع ڪرائي.










