ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر گذريل ڏينهن جي انٽربينڪ شرح تي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 279 رپيا 60 پئسا تي مستحڪم آهي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 279 رپيا 60 پئسا تي هو. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات ۾ ملا جلا رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 14 پوائنٽن جي واڌ سان 61 هزار 573 تي پهچي ويو.ڪالهه انڊيڪس 61 هزار 559 پوائنٽس تي بند ٿيو.










