ڊالر جي اڏام جاري،6 پئسا مهانگو

ڊالر جي اڏام جاري،6 پئسا مهانگو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سبب پاڪستاني رپيو پنهنجي قدر وڃائي رهيو آهي.آمريڪي ڊالر اڄ صبح جي شروعاتي واپار ۾ وڌيڪ حاصل ڪئي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 6 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 218 رپيا 95 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 218 رپيا 89 پئسا تي بند ٿيو.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ مثبت شروعات
ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح مثبت طور تي ڪاروبار شروع ٿيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 165 پوائنٽن جي واڌ سان 41920 تي پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو