ڊار کي جيڪا به ذميواري ملندي ته هو ان جو مستحق آهي: ملڪ

ڊار کي جيڪا به ذميواري ملندي ته هو ان جو مستحق آهي: ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي جيڪا به ذميواري ڏني وئي آهي، هو ان جو اهل آهي.ڳالهائيندي مسلم ليگ ن اڳواڻ مصدق ملڪ چيو ته نگران وزيراعظم لاءِ قائد ايوان سمورين سياسي پارٽين سان مشاورت ڪندو.مصدق ملڪ چيو آهي ته اسحاق ڊار تمام سٺي نموني سان معاملا سنڀاليا آهن، اسحاق ڊار چيو آهي ته جيڪا به ذميواري ڏني وڃي ان کي پورو ڪندس.مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته هن وقت سياسي ڌانڌلي تي ڪو به تبصرو نٿو ڪري سگهي.مصدق ملڪ چيو ته نئين آدمشماري تي اعتراض هئا، جن کي دور ڪرڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳي ويا، جيڪڏهن نئين آدمشماري جو نوٽيفڪيشن ٿيو ته چونڊن لاءِ 4 کان 6 مهينا لڳندا، حڪومت جي راءِ آهي ته پراڻي آدمشماري جي بنياد تي ئي چونڊون ڪرايون وڃن.مصدق ملڪ چيو ته نئين تڪبندين لاءِ 4 کان 6 مهينا لڳندا. ن ليگ جو موقف آهي ته چونڊون پراڻيون تڪ بندين جي بنياد تي ٿيڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو