ڊار جو ايراني هم منصب سان رابطو، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

ڊار جو ايراني هم منصب سان رابطو، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي.پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب انهي رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن ايران ۽ خطي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار خطي ۾ امن، استحڪام جي لاءِ عباس عراقچي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. انهي کان علاوه ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي مشاورت جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو