ڇهه سئو پنجاهه فٽ اونچائي کان هيٺ ڪري جوڙو بچي ويو

ڇهه سئو پنجاهه فٽ اونچائي کان هيٺ ڪري جوڙو بچي ويو

سڊني(ويب ڊيسڪ) پرسڪون  جبل تي رومانوي ماحول اوچتو ان وقت خطرناڪ لمحي ۾ تبديل ٿي ويو جڏهن ڇوڪري جي محبوبه پير ترڪڻ سبب 650 فٽ ڊگهي جبل تان پنهنجي محبوب کي به پاڻ سان گڏ کڻي وڃي هيٺ ڪري.آسٽريليا سان تعلق رکندڙ  27 ساله نوجوان پنهنجي 32 ساله محبوبه کي پرپوز ڪرڻ جي لاءِ هڪ جبل جي چونڊ ڪئي جتي  انهن کي پهچڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن جو سفر به طئه ڪرڻو پيو. ٽريڪنگ کان پوءِ ٻئي ڄڻا جڏهن فلڪرٽ نالي جبل تي پهتا ته ڇوڪري  گوڏن تي ويهي پنهنجي محبوبه کي شادي جي آڇ ڪئي ۽ جيئن  ئي سندس محبوبه شادي جي لاءِ ها ڪئي ته اوچتو ان جو پير ترڪيو ۽ هو 650 جبل تان هيٺ وڃي ڪري.ڇوڪريءَ جو پير جيئن ئي جبل تان ترڪيو ته ان جي بواءِ فرينڊ  سندس هٿ پڪڙي رکيو هو ۽ هو به ان سان گڏ پهاڙ تان هيٺ ڪريو پر ڇوڪري ڪرڻ وقت اوچتو جبل کي پڪڙي ورتو  جڏهن ته سندس گرل فرينڊ 650 فٽ هيٺ وڃي ڪري، خوش قسمتي سان ٻئي بچي ويا. مقامي پوليس موجب ٻنهي کي ڪافي ڌڪ لڳا آهن پر جوڙي کي ريسڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو