ڇا ريگيولر بينچ آرٽيڪل 191 A تحت اختيار جو تعين ڪري سگهي ٿي؟

ڇا ريگيولر بينچ آرٽيڪل 191 A تحت اختيار جو تعين ڪري سگهي ٿي؟

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه سوال اٿاريو ته ڇا هڪ ريگيولر بينچ آرٽيڪل 191A جي تحت دائره اختيار جو تعين ڪري سگهي ٿي.سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 191 اي جي دائره اختيار بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ آفيس مان غلطي ٿي وئي آهي، گذريل ٻڌڻي تي ڪيس جي ٻڌڻي ساڳئي 3 رڪني بينچ جي سامهون ناهي ڪئي وئي.سپريم ڪورٽ چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وڃي ٿي.عدالت چيو ته گذريل ٻڌڻي ۾ جسٽس عرفان سعادت بينچ جو حصو هئا، پر جڏهن ڪيس ٻيهر طئي ڪيو ويو ته جسٽس عرفان سعادت خان جي بدران جسٽس عقيل عباسي بينچ جو حصو هئا.سپريم ڪورٽ رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي هدايت ڪئي آهي ته اهو ڪيس ساڳئي بينچ اڳيان رکيو وڃي جنهن گذريل ٻڌڻي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو