ڇا آءِ جي گٽڪي جو وڪرو بند ڪرائن نٿو چاهي، عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ گٽڪو ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪندڙن لاءِ وڌيڪ سزائون مقرر ڪرڻ بابت هڪ مهيني اندر قانون سازي  مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو  جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ اڱاري تي اهڙو حڪم جاري ڪيو. عدالت آءِ جي سنڌ ۽ ٺٽي جي  ايس ايس پي کي 15 جنوري تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم به ڏنو. عدالت گٽڪي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته ان موقعي تي  عدالت کي ڄاڻ ڏني وئي ته  آءِ جي سنڌ پيش  نه ٿيو آهي جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل ٻڌڻي تي به  آءِ جي سنڌ پيش نه ٿيو هو ۽ نه وري جواب داخل ڪرايو هو؟.  ڇا آءِ جي سنڌ گٽڪي جي وڪري کي بند ڪرڻ نٿو چاهي؟ عدالت  وڌيڪ چيو ته پوليس پاران اڃا تائين آگاهه نه ڪيو ويو آهي ته گٽڪي جون ڪيتريون فيڪٽريون سيل ڪيون ويون آهن؟. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل مزمل ممتاز ميئو عدالت کي ڄاڻ ڏيندي چيو  ته ڊي آءِ جي اوڀر عامر فاروقي کان سواءِ ڪو به آفيسر تعاون نه پيو ڪري جنهن تي عدالت آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ٺٽي کي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي گٽڪو ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪندڙ خلاف ڪارروائي  واري  حڪم تي عمل ڪرڻ جي  هدايت  ڪئي. ان موقعي تي قانون واري کاتي جي  سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته گٽڪي ۽ مين پڙي ٺاهيندڙ، وڪرو ڪندڙ ۽ استعمال ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ  قانون جو ڊرافٽ تيار ڪري ڪاميٽي کي موڪليو ويو آهي جنهن جي منظوري لاءِ مهلت ڏني وڃي جنهن تي عدالت سنڌ حڪومت کي گٽڪو ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف  هڪ مهيني اندر قانونسازي مڪمل ڪري کي 15 جنوري تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو