اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپو ٻيهر ن ليگ جو چهرو بي نقاب ٿي ويو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته پرامن احتجاج سمورن شهرين جو حق آهي. هن چيو ته اسان مسلم ليگ ن، پ پ ۽ جي يو آءِ جي مارچ کي نه روڪيو ۽ نه ئي ڪريڪ ڊائون ڪيو. هن اهو به چيو ته ملڪي معيشت اڳ ۾ ئي تباهي جي ور چڙهيل آهي، هن وڌيڪ چيو ته اهي غير جمهوري ۽ ظالمانه قدم معاشي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جو سبب بڻجندا.










