چيڪنگ دوران پوليس اهلڪار تي حملو، اسپتال داخل

ڪنب(صفدرچانڊيو ) پوليس اهلڪار ڪريم بخش ڀنڀرو  کي چيڪنگ دوران نامعلوم ماڻھن ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ڪنب ٿاڻي جي مومن مهر پوليس چوڪي ويجهو پوليس اهلڪار ايس ايس پي خيرپور جي حڪم تي اسنيپ چيڪنگ ڪري رهيا هئا ته اهلڪار تي حملو ڪيو ويو. زخمي اهلڪار کي تعلقه اسپتال ڪوٽڏجي آندو ويو۽  ٻن ڪلاڪن کانپوء هوش ۾ اچڻ تي هن ٻڌايو ته محمد اسلم ، پرويز احمد، صلاح الدين ۽ شوڪت علي وساڻ مٿس حملو ڪيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته حملي آور بااثر آھن مونکي ۽ منهنجي گهر ڀاتين کي به  جاني مالي نقصان ڏئي سگهن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو