بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين جي پن ڇڻ يعني خزان جي موسم وارا فصل سخت گرمي ۽ خشڪي سبب ‘سنگين خطري’ جو شڪار آهن، آفيسرن اڄ خبردار ڪيو آهي ته، ملڪ جي گرم موسم ۾ فصلن جي حفاظت لاءِ فورا اپاءَ ورتا وڃن. رپورٽ موجب دنيا جي ٻئين وڏي معيشت هن اونهاري ۾ رڪارڊ گرمي، سخت ٻوڏ ۽ ڏڪار جو شڪار ٿي چڪي آهي، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري اهي واقعا وڌيڪ شدت اختيار ڪري رهيا آهن. جيئن ته ڏکڻ چين 60 سال کان وڌيڪ عرصي ۾ پنهنجي بلند ترين گرمي جو پد رڪارڊ ڪيو آهي، چار سرڪاري کاتن فصلن جي حفاظت لاء ‘پاڻيء جي هر ڦڙي’ کي محفوظ ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، زراعت واري وزارت چيو. آهي ته چين پنهنجي 95 سيڪڙو کان وڌيڪ چانور، ڪڻڪ ۽ مڪئي استعمال ڪري ٿو، پر فصل جي گھٽتائي جو مطلب آهي ته دنيا جو سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ درآمد جي وڌندڙ مطالبن کي منهن ڏئي سگهي ٿو، يوڪرين جي تڪرار جي ڪري تيل، اڳ ۾ ئي گهٽ ٿيل عالمي سپلائي واري ماحول ۾ دنيا لاءِ پريشاني جو سبب آهي. چين ۾ جيڪڏهن فصل گهٽ ٿيا ته سندن امپورٽ بل وڌي ويندو جنهن سان چين جي معيشت متاثر ٿي سگهي ٿي. 45 ڊگري گرمي جي پد چين کي لوڊ شيڊنگ تي به مجبور ڪيو آهي. فصلن جي بهتري لاءِ حڪومت 10 ارب يو آن يعني 45 ڪروڙ ڊالر امداد جو به اعلان ڪيو آهي.










