چين پاران پرڏيهي واپار جو بيلنس بهتر ڪرڻ جو اعلان

چين پاران پرڏيهي واپار جو بيلنس بهتر ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ديسڪ)چين جي وزيراعظم لي چييانگ Li Qiang آچر تي واعدو ڪيو ته ملڪ جي معيشت کي پرڏيهي ڪمپنين لاءِ وڌيڪ کوليو ويندو ۽ عالمي ڀائيوارن سان وڌيڪ متوازن واپار کي هٿي ڏني ويندي، خاص طور تي اهڙي سال کان پوءِ جنهن ۾ آمريڪا ۽ يورپي يونين سان واپاري ڇڪتاڻ ۽ ٽيرف جنگون ڏٺيون ويون۔
سرڪاري ميڊيا موجب، لي چينگ بيجنگ ۾چائنا ڊولپمينٽ فورم کي خطاب ڪندي چيو ته چين وڌيڪ اعليٰ معيار جون پرڏيهي شيون درآمد ڪندو ۽ سڀني ڌرين سان گڏجي بهتر ۽ متوازن واپار کي فروغ ڏيندو ۽ عالمي واپار کي وڌائيندو۔
هي ساليانو ٻه ڏينهن وارو فورم، جيڪو سومر تي ختم ٿيندو، بيجنگ کي موقعو ڏئي ٿو ته هو پنهنجي معاشي ويزن ۽ سيڙپڪاري جا موقعا پرڏيهي ڪاروباري اڳواڻن، چيني عملدارن، معاشيات دانن ۽ تعليمي ماهرن آڏو پيش ڪري۔
هي بيان ان وقت آيو آهي جڏهن دنيا جي ٻي وڏي معيشت 2025 لاءِ 1.2 ٽريلين ڊالر جي رڪارڊ واپاري سرپلس جي رپورٽ ڏني آهي۔
بيجنگ کي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جن ۾ عالمي گاديءَ وارن شهرن جي وڌندڙ خدشن کي منهن ڏيڻ شامل آهي جيڪي چين جي واپاري طريقن ۽ وڌيڪ پيداوار (اوور ڪيپيسٽي) بابت آهن، ۽ ڪجهه اهم چيني شين تي انهن جي وڌيڪ انحصار بابت به۔
جيتوڻيڪ لي جي تقرير ۾ سڌو سنئون سرپلس جو ذڪر نه ڪيو ويو، سندس واعدا ظاهر ڪن ٿا ته هو هن مسئلي کان واقف آهي، جيڪو ان وقت بين الاقوامي لاڳاپن کي متاثر ڪري سگهي ٿو جڏهن چين آمريڪا سان واپار بابت عارضي سڌي تي پهتو آهي۔
آمريڪي صدرڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتي ايران واري جنگ سبب بيجنگ جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو، جتي هن جو ارادو شي جنپنگ سان ملاقات ڪرڻ جو هو، جنهن سان دنيا جي ٻن وڏين معيشتن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ دير ٿي وئي۔

پهنجو تبصرو موڪليو