اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چائنا ڊولپمينٽ بئنڪ پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالرن جي مالي امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته چين طرفان پاڪستان لاءِ 700 ملين ڊالرز جي فنانسنگ جي منظوري ڏني وئي آهي.ناڻي واري وزير چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي اها رقم هن هفتي وصول ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ رقم وصول ڪرڻ سان پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو.










