بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين جي صدر شي جن پنگ ڇنڇر تي ايشيا پئسفڪ اڪنامڪ ڪوآپريشن APECکي خطاب دوران مصنوعي ذهانت (AI) جي نگراني لاءِ هڪ عالمي اداري جي قيام جي تجويز پيش ڪئي ۽ چين کي دنيا آڏو واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ آمريڪا جي متبادل طور پيش ڪيو. اهو پهريون ڀيرو آهي ته چيني صدر ان معاملي بابت تجويز پيش ڪئي آهي. جڏهن ته آمريڪا بين الاقوامي ادارن ذريعي AI جي ضابطن جي خلاف موقف اختيار ڪيو آهي. شي چيو ته “ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن” عالمي سطح تي حڪمراني جا اصول طئي ڪري سگهي ٿي ۽ تعاون وڌائي سگهي ٿي، جنهن سان AI کي “بين الاقوامي برادري لاءِ هڪ عوامي ڀلائي” لائق بڻائي سگهجي ٿو. چين جي سرڪاري نيوز ايجنسي شنوا (Xinhua) پاران شايع ٿيل بيان موجب، شي وڌيڪ چيو: “مصنوعي ذهانت مستقبل جي ترقي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿي ۽ ان کي اهڙي طريقي سان ترقي ڏيڻ گهرجي جو ان مان سڀني ملڪن ۽ علائقن جا ماڻهو فائدو وٺن.” چيني اختيارين چيو آهي ته اهو ادارو شايد تجارتي مرڪز شنگهائي ۾ قائم ڪيو وڃي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏکڻ ڪوريا جي شهر گيونگجو ۾ ٿيل APEC اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ شي سان ملاقات کان پوءِ سڌو واشنگٽن واپس روانو ٿي ويو. ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهين جو نتيجو هڪ سال لاءِ واپار ۽ ٽيڪنالاجي تي لاڳو ڪجهه پابندين کي جزوي طور گهٽائڻ جي معاهدي جي صورت ۾ نڪتو، جنهن سان دنيا جي ٻن وڏي معيشتن وچ ۾ تڪرار وڌي ويو هو. ٽرمپ جي غيرموجوگي ۾، تجزيه نگارن اميد ظاهر ڪئي ته شي APEC اجلاس کي چين جي “واپار ۽ اقتصادي ترقي ۾ گڏيل تعاون” واري تصور کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو. جڏهن ته ڪيليفورنيا جي ڪمپني Nvidia پاران ٺاهيل جديد چپس عالمي AI لهر ۾ مرڪزي حيثيت رکن ٿيون، تڏهن چين جي ڪمپني DeepSeek گهٽ قيمت وارا ماڊل تيار ڪيا آهن، جن کي بيجنگ پنهنجي “الگورٿمي خودمختياري” جي حڪمت عملي جو حصو بڻائي رهيو آهي. شي APEC کي پڻ “گرين ٽيڪنالاجيز جي آزاد گردش” کي فروغ ڏيڻ جي اپيل ڪئي، جن ۾ بيٽرين کان وٺي سولر پينلن تائين اهي صنعتون شامل آهن، جن تي چين جو غلبو آهي. APEC ميمبر ملڪن اجلاس ۾ گڏيل اعلاميو منظور ڪيو ۽ مصنوعي ذهانت ۽ وڌندڙ عمر واري آبادي جي چئلينجن بابت معاهدا ڪيا. چين 2026 جو APEC اجلاس شينزين ۾ ميزباني ڪندو، جيڪو روبوٽڪس کان وٺي برقي ڪار جي پيداوار تائين جديد صنعتن جو وڏو مرڪز آهي. شي چيو ته لڳ ڀڳ 1.8 ڪروڙ آبادي وارو اهو شهر 1980ع واري ڏهاڪي تائين هڪ مڇي مارڻ وارن جو ڳوٺ هو، پر پوءِ اهو چين جي پهرين “خصوصي اقتصادي علائقن” مان هڪ بڻجي اڀريو. APEC هڪ مشاورتي فورم آهي، جنهن ۾ 21 ملڪ شامل آهن، جيڪي دنيا جي اڌ واپار جي نمائندگي ڪن ٿا.










