چين: لاڪ ڊائون باوجود 6 مهينن ۾ ڪورونا ڪيسن جي بلند ترين سطح

چين: لاڪ ڊائون باوجود 6 مهينن ۾ ڪورونا ڪيسن جي بلند ترين سطح

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين ۾ لاڪ ڊائون باوجود ڪورونا ڪيس 6 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا، 24 ڪلاڪن دوران 5 هزار 600 ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب چين ۾ گذريل ڏينهن مئي کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا ڪيسن جي تصديق ٿي آهي، جنهن ۾ تقريبن اڌ ڪورونا جا ڪيس گوانگ ڊانگ صوبي جي پيداواري مرڪز ۾ رپورٽ ٿيا آهن.چين جي شهر زينگ زو ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي آئي فون فيڪٽري ڪورونا پابندين جي زد ۾ آهي.آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني چيو آهي ته ڪورونا جي پابندين سبب گراهڪن کي آرڊر وصول ڪرڻ ۾ دير کي منهن ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو