چين جو فلسطين-اسرائيلي امن ڳالهين لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ

چين جو فلسطين-اسرائيلي امن ڳالهين لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ امن ڳالهين جي سهولت ڏيڻ جي آڇ ڪئي.چيني ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزير چن گينگ اسرائيل ۽ فلسطين جي اعليٰ سفارتڪارن سان الڳ الڳ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته چين ٻنهي ڌرين وچ ۾ امن ڳالهين جي سهولت لاءِ تيار آهي.چيني پرڏيهي وزير چيو ته هو ڳالهين جي فوري بحالي جي حمايت ڪن ٿا.ٻنهي فون ڪالن ۾، چيني پرڏيهي وزير چين جي موقف تي زور ڏنو ته امن ڳالهين جي بنياد تي ‘ٻه رياستي حل’ تي عمل درآمد ڪرڻ تي زور ڏنو

پهنجو تبصرو موڪليو