بيجنگ: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان چيني ڪمپنين کي ڪاروبار جي فروغ لاءِ مڪمل مدد فراهم ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ آئي بي آءِ ڪارپوريشن جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي هن تقريب کي خطاب ڪيو ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ٽيڪنيڪل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو.
پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان-چين اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ وقت جي ضرورت آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي وچ ۾ ادارتي تعاون پاڪستان-چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڀائيواري جو هڪ اهم ٿنڀ آهي.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان چيني ڪمپنين کي ڪاروباري فروغ ۽ سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندو ته جيئن ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي.










