چيني فوجي طاقت جو مظاهرو، ڪهڙا ڪهڙا هٿيار پيش ڪيا ويا؟

چيني فوجي طاقت جو مظاهرو، ڪهڙا ڪهڙا هٿيار پيش ڪيا ويا؟

ڪراچي(ترتيب ۽ ترجمو اياز مهر)چين پنهنجي گاديءَ واري شهر بيجنگ ۾ اربع ڏينهن وڏي فوجي پريڊ جو انعقاد ڪيو، جيڪا ٻئي عالمي جنگ جي پڄاڻيءَ کي 80 سال پورا ٿيڻ جي ياد ۾ ڪئي وئي.

ملڪ جي تاريخ جي وڏي ترين فوجي پريڊ ۾ صدر شي جن پنگ دنيا جي اڳواڻن کي ڀليڪار ڪيو، جن ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪِم جونگ اُن شامل هئا. پريڊ ۾ ڪِم جونگ اُن جي نوجوان ڌيءَ ۽ امڪاني جانشين ڪِم جو اي به موجود هئي، جيڪا پهريون ڀيرو چين جي بين الاقوامي دوري تي وئي.

پريڊ ڪڏهن شروع ٿي؟

هي تقريب اربع ڏينهن صبح 9 وڳي (01:00 GMT) تي شروع ٿي. چين آخري ڀيرو 10 سال اڳ فتح ڏينھن جي فوجي پريڊ جو انعقاد ڪيو هو. اهو ئي پهريون ڀيرو هو، جو چين وڏي فوجي پريڊ ذريعي ٻئي عالمي جنگ جي پڄاڻيءَ کي ياد ڪيو هو.

پريڊ دوران ڇا ٿيو؟

پريڊ ۾ چين پنهنجي فوجي طاقت جو شاندار مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ جديد هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو. ان ۾ ڊرون، هائپر سونڪ ميزائل ۽ فائٽر جهاز شامل هئا.

اي جي ايڪس 002 ڊرون 

چين پهريون ڀيرو پنهنجي مڪمل “نيوڪليئر ٽرائيڊ” عوام آڏو ظاهر ڪيو، جنهن ۾ زمين، سمنڊ ۽ هوا مان نيوڪليئر ميزائل داغڻ جي صلاحيت شامل آهي. ان ۾ جِنگلي-1 (فضا مان لانگ رينج ميزائل)، جولانگ-3 (آبدوز مان داغيل بين الاقوامي ميزائل)، ۽ ڊونگ فنگ-31 ۽ ڊونگ فنگ-61 (زمين مان فائر ٿيندڙ بين الاقوامي ميزائل) شامل هئا.

چين يِنگجي-17، يِنگجي-19، ۽ يِنگجي-20 به پيش ڪيا، جيڪي آمريڪي جهاز بردار وڏن سامونڊي ٻيڙن جي ماڊلز خلاف آزمايل هائپر سونڪ اينٽي شپ ميزائل آهن.

ساڳئي وقت پاڻيءَ هيٺان ۽ هوا ۾ ڪم ڪندڙ ڊرون به ڏيکاريا ويا، جن مان ڪي جاسوسي ۽ درست حملن لاءِ ٺهيل هئا. ان سان گڏ، جهازن تان لانچ ٿيندڙ بنا انسان وارا هيليڪاپٽر به پريڊ ۾ شامل هئا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته چين 21 هين صدي جا اهڙا هٿيار جهڙوڪ دفاعي ليزر نظام ۽ روبوٽڪ وولفز متعارف ڪرايا آهن، جيڪي مغربي قوتن جي 20 سال پراڻي دفاعي هٿيارن ۽ نظامن کان بلڪل نوان، جديد ۽ مختلف آهن، چين دفاعي ٽيڪنالوجي ۾ مغرب کان گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي.

چين جي هائپر سونڪ گلائيڊ ۽ ميزائيل ميچ فائيو جي پيماني جا آهن، جن کي روڪڻ لاءِ آمريڪا سميت ڪنهن به ملڪ وٽ ٽيڪنالوجي ناهي. چين جو جي 20 طاقتور ڊريگن جيڪو راڊار تي نظر نه ايندو، اهو پڻ وڏو هٿيار آهي.

چين سب ميرين جيان پاڻي اندر 20 ميٽر اونهائي تائين وڃي ٽارگيٽ کي نشانو بنائڻ وارا بنا انسان جي هلڻ وارا ڊرون به متعارف ڪرايا آهن جيڪي پڻ پنهنجي نوعيت جا جديد ۽ موتمار هٿيار آهن. هي جَي جي 11 راڊار تي نظر نه ايندڙ اسٽيلٿ ڊرون آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته چين وٽ ٽيڪنالوجي ته آهي پر ڇا اها درست وقت ۾ درست ٽارگيٽ تي استعمال ڪرڻ جي صلاحيت ۽ تجربو آهي؟ ان جو اندازو ته جنگ جي حقيقي ميدان ۾ ئي ٿيندو. آمريڪا وٽ آپريشنل تجربو وسيع آهي.

ان تقريب ۾ فوجي بينڊ ۽ گيتن جي ٽولي به ڪارڪردگي ڏيکاري. اڳ ۾ سرڪاري ميڊيا ٻڌايو هو ته 80 بگل وڄائيندڙ ٻئي عالمي جنگ ۾ جاپان جي شڪست جا 80 سال مڪمل ٿيڻ جي ياد ۾ شامل ٿيندا. وڌيڪ ڄاڻايو ويو هو ته هڪ هزار کان وڌيڪ موسيقار 14 قطارن ۾ ويهاريا ويا، جيڪي 1931 ۾ منچوريا تي جاپاني حملي کان پوءِ چين جي هر سال جي مزاحمت جي نمائندگي ڪندا.

جي جي 11 اسٽيلٿ ڊرون 

شي جن پنگ جو خطاب

شي جن پنگ 50 هزار ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو: “اڄ انسانيت امن ۽ جنگ، ڳالهين ۽ مقابلي، گڏيل فائدي ۽ صفر-جمع جي وچ ۾ چونڊ جو سامهون آهي. چين جا ماڻهو تاريخ جي صحيح پاسي بيٺل آهن.” هن مائو زيدونگ جهڙو سوٽ پهريو، جيڪو سي سي پي (چيني ڪميونسٽ پارٽي) جي اڳواڻ طور ٻئي عالمي جنگ کان پوءِ ڪامياب ٿيو هو.

ڪهڙا اڳواڻ شامل ٿيا؟

شي جن پنگ 25 کان وڌيڪ پرڏيهي اڳواڻن کي ڀليڪار ڪيو. خاص مهمان طور پيوٽن ۽ ڪِم جونگ اُن شي جي ساٿ ۾ ريڊ ڪارپيٽ تي بيٺا. ان موقعي تي پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف، ايران جو صدر مسعود پزشڪيان، منگوليا جو صدر، ازبڪستان جو صدر، بيلارس جو صدر، ميانمار جو فوجي سربراهه، ملائيشيا جو وزيراعظم، مالديپ جو صدر، نيپال جو وزيراعظم، ۽ زمبابوي جو صدر به شامل هئا.

يورپ مان رڳو ٻن اڳواڻن، سلوواڪيا جي وزيراعظم رابرٽ فيڪو ۽ سربيا جي صدر اليگزينڊر وُچچِڪ ـ شرڪت ڪئي.

چين فتح ڏينھن جي پريڊ ڇو ڪندو آهي؟

مغربي دنيا لاءِ ٻئي عالمي جنگ جو آغاز 1939 ۾ جرمني جي پولينڊ تي حملي کان ٿيو، پر ايشيا ۾ جاپان 1931 کان ئي جارحيت ڪندو آيو هو.

1937 ۾ بيجنگ ڀرسان چين ۽ جاپان جي فوجن جي ٽڪراءَ کان پوءِ پورو جنگي محاذ کليو. ان دوران جاپاني فوج نانجنگ سميت اوڀر چين جي شهرن تي قبضو ڪيو، جتي هزارين شهري مارجي ويا، ڳوٺ تباهه ٿيا ۽ عورتن سان ريپ ٿيو. اندازي موجب 2 ڪروڙ چيني ماڻهو جنگ ۾ مارجي ويا، جن مان اڪثر شهري هئا.

1941 ۾ آمريڪا جاپان تي آئل ايمبارگو لاڳو ڪيو، ۽ پوءِ جاپان پرل هاربر تي حملو ڪيو، جنهن بعد آمريڪا به جنگ ۾ شامل ٿيو.

1945 ۾ آمريڪا هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽمي بم ڪيرايا. سوويت يونين به جاپان خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. نتيجي ۾ جاپان 2 سيپٽمبر تي سرينڊر ڪيو.

ان کان پوءِ چين ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ قومي پارٽي (KMT) جي وچ ۾ ٻيهر گهرو جنگ شروع ٿي، جنهن ۾ 1949 ۾ مائو زيدونگ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڪامياب ٿي، ۽ چيئانگ ڪائي شيڪ تائيوان فرار ٿيو.

2014 ۾ چين 3 سيپٽمبر کي فتح جو ڏينھن قرار ڏنو. 2015 ۾ چين قومي پارٽي جي فوجين جي قربانين کي به تسليم ڪيو ۽ انهن جي ويٽرنز کي پريڊ ۾ دعوت ڏني.

هن پسمنظر ۾، اربع ڏينهن جي پريڊ ٻئي عالمي جنگ ۾ جاپان جي شڪست ۾ سي سي پي جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي.(نوٽ هي معلومات، بي بي سي، سي اين اين، الجزيرا، شن هائو نيوز ايجنسي جي مختلف رپورٽس مان سندن ٿورن سان حاصل ڪئي وئي ۽ سنڌيار جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي.)

روبوٽ وولويز 

پهنجو تبصرو موڪليو