بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين جي سرڪاري تيل ڪمپنين روسي تيل جي خريداري معطل ڪري ڇڏي آهي، رائٽرز نيوز ايجنسي جي مطابق چين جي سرڪاري تيل ڪمپنين ٻن وڏين روسي تيل ڪمپنين تي آمريڪي پابندين کان پوءِ روسي تيل جي خريداري معطل ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ موجب، هندستاني تيل ريفائنريون پڻ روسي تيل جي درآمد کي تيزيءَ سان گهٽائڻ لاءِ تيار آهن.










