ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سھيل راجپوت سان صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوھاڻ ملاقات ڪئي آهي صوبائي اليڪشن ڪمشنر موجب ملاقات دوران صوبي ۾ بلدياتي اليڪشن ۽ اين اي 240 ڪورنگي تي اليڪشن جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوھاڻ چيو آهي ته اين اي 240 ڪورنگي ۾ چونڊون 16 جون تي ٿينديون جڏهن ته صوبي ۾ بلدياتي چونڊون ٻن مرحلن ۾ ٿينديون صوبائي اليڪشن ڪمشنر موجب پھرئين مرحلي ۾ 26 جون تي سکر، لاڙڪاڻو، شھيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ ٿينديون ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ 24 جولائي تي بلدياتي چونڊون ٿينديون چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سھيل راجپوت چيو ته انتھائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وينديون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي سموريون سهولتون فراھم ڪيو وينديون چيف سيڪريٽري سنڌ صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي يقين ڏياريو ته چونڊن دوران سيڪيورٽي ۽ انتظامي معاملن کي يقيني بڻايو ويندو










